ہفتہ، 29 جولائی، 2017

سانوڻي سبب ھـن دفعي ٿـري لـوڪ گيت.... بـادليئـو

بادليئا! تون برس "امراڻي" ري ڏيس.
(اي ڪڪر! تون عمر ڪوٽ تي اچي وس)

تو بنان ڳئوئان ڏوڌ نہ ڏئين، بِلکي ڦري ڏوجهاري ري_
(توکان سواءِ ڍڳيون کير نٿيون ڏين ۽ ڏهڻ واريون حيران آهن)

بادليئا! تون برس "امراڻي" ري ڏيس...
ڪهي سکي سڻ پريتم پيارا! ڀير پيئي وهلو آوَ_
(اي پريتم! جلدي آءُ جو تنهنجي ضرورت پيئي آهي)

بادليئا! تون برس "امراڻي" ري ڏيس...
سندر سهامڻي جي چادر ڀيجي، ڀيجي گورل جو چير_
(ائين وس، جو سهڻي چادر بہ پُسي ۽ گوريءَ جو پلو بہ پُسي)

بادليئا! تون برس "امراڻي" ري ڏيس...
بادليئا! تون برسي نہ جاڻي، تو پريتم کي ڪوٺاءِ.
(اي بادل! تون وسي نہ سگهين تہ پرينءَ کي ڪوٺاءِ)

بادليئا! تون برس "امراڻي" ري ڏيس...

ہفتہ، 22 جولائی، 2017

سنڌ جو عوامي ڪردار مسڪيـن جھـان خـان کـوسـو

ٿر، سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن، ادب ۽ ثقافت جي سرزمين آھي،  ھيءَ محبتن جي داستانن، شجاعت جي ڪارنامن ۽ عشقيہ افسانن جو اھو مرڪز آھي جنھن کي پنھنجو ڌار ثقافتي ورثو آھي، سنڌ جي 55 لوڪ گيتن مان 45 لوڪ گيت ٿر سان وابسته آھن..... ٿر جتي ڪيترائي تاريخي ڪردار گذريا اُتي مسڪين جھان خان کوسي بہ پنھنجو پاڻ ملھايو. ھن پوليس کاتي جي نوڪري صرف ان ڪري ڇڏي تہ ھن کان پوليس پاران غريبن تي ڪيل ڏاڍ برداشت نہ ٿيندا ھيا. ھن پنھنجي ساري زندگي ٿر ۽ ٿرين لاءِ وقف ڪئي،  ھو ٿر لاءِ جيئرو رھيو ۽ ٿر لاءِ مُئو، چوندا آھن ته “وُٺو ته ٿر، نه ته بَر جو بَر” ۽ جڏھن ٿر، بَر ٿيندو آھي ۽ بُک ۽ ڏُڪر جا ولر ماروئڙن کي موت جي ننڊ ڏيندا آھن تڏھن مسڪين ٿرين کي وٺي اچي آفيسرن سان ملائيندو، ٿرين لاءِ امداد وٺندو، دوائون، ڪپڙو ۽ اناج ھٿ ڪري حقدارن تائين پھچائيندو ھو..... پنھنجي لاءِ ته ھر ڪو جيئي پر ٻين لاءِ به ته جيءَ ڏيکاري، مسڪين پاڻ ماري به ٻين لاءِ زندھ رھيو،  ھڪ ڀيري گھر جي ڪنھن مائيءَ کيس چيو ته ”ڪپڙا ڏي ته ڌوئي ڏيانءِ“ ته چوڻ لڳو  ”آءٌ ڪپڙن ڌئارڻ ۽ وھنجڻ لاءِ گھر ۾ ويھي رھان ته منھنجا مسڪين ٿريا ميرپور ۾ رُلي مرندا“ ڪيڏو نه خدمتِ خلق جو جذبو آھي، ڪيڏو نه بلند ڪردار آھي، ڪيڏو نه عظيم خيال آھي جو پنھنجو آرام ڦٽائي ٻين کي سُک ڏئي ٿو،  ھڪ دفعي جي ڳالھ آھي ته حيدرآباد ۾ ھڪ ٻه ماڙ جاءِ ڪري پيئي رات جو وقت ھو ھر ڪو ننڊ ۾، ماڻھن جون دانھون ڪوڪون ڪير ٻڌي؟ اوچتو مسڪين کي ڪَن تي آواز پيو، جيڪو ڀرسان ستل ھو، ان وقت ڊوڙي آيو،  ڪرندڙ جاءِ ۾ گھڙي پيو، سِر تريءَ تي رکي زخمي ماڻھن کي سھارو ڏيئي ٻاھر ڪڍي آيو ۽ پوءِ پاڙي مان تغاري ۽ ڪوڏر کڻي اچي مٽي ڍوئڻ بيٺو، اھڙي طرح لاڳيتو رات ڏينھن سخت سردي ۾ سواءِ ڪنھن اجوري جي ڪم ڪندو رھيو....
مسڪين سدائين انھيءَ سوچ ۾ ھوندو ھو ته ماڻھن ۾ ماڻھپو رھي،  پيار ۽ سِڪ ھجي، نفرت ۽ ڪدورت نه ھجي، “آدمين اخلاص، مٽائي ماٺو ڪيو” واري ڪار نه ھجي،  ان ڪري ھو سدائين ٻه وڙھيل گھر پاڻ ۾ ٺاھيندو ۽ رٺلن کي پرچائيندو ھو،  ھو سفارش ۽ رشوت کان بنھ پري ھو، ٿاڻو ھجي يا ڪورٽ، وڏيري جي اوطاق ھجي يا زميندار جي ٻني پر مسڪين، ڪولھين کي ساڻ ڪيو سندن حق وٺڻ لاءِ جتي ڪٿي حاضر، ھن پنھنجي ذات کي ته صفا ماري ڇڏيو،  ھو ٻين لاءِ زندھ رھيو،  ايتري تائين جو پنھنجي وات جو گرھ به ٻين کي ڪڍي کارائيندو ھو،  ٿر جو ڏتڙيل ۽ پيڙھيل عوام، ڪولھي، ڀيل ۽ ميگھواڙ آھن،  مسڪين سندن خدمت مذھبي مت ڀيد کان ھٽي ڪري ڪئي،  ھو چوندو ھو ته ”مسڪين ھميشہ سندن مدد ھر ظلم ۾ ڪندو رھندو ان لاءِ کيس ڪيڏي به قرباني ڇونه ڪرڻي پوي“ ھو چوندو ھو ته ”اڇوتن جي خدمت مسڪين انسانيت جي اعليٰ جذبي ۽ اصول تحت ڪري ٿو جنھن ۾ ڪنھن به غرض يا مطلب جو دخل ڪونھي“ ھڪ دفعي سندس سڳي ڀاءُ ڪنھن ڪولھيءَ سان ٺڳي ڪري پئسا ڦريا، مسڪين پاڻ پنھنجي ڀاءُ تي ڪيس داخل ڪري، جيل ۾ وجھرائي، ڪولھيءَ کي پئسا واپس وٺي ڏنا،  ٻئي دفعي جي ڳالھ آھي ته سخت سرديءَ ۾ مسڪين کي ڪنھن ويجھي عزيز گرم ڪوٽ وٺي ڏنو ٻئي ڏينھن ھن اھو ڪوٽ ڪنھن غريب ڪولھي کي ڏيئي ڇڏيو،  ھڪ ڏينھن مسڪين کي ڪنھن اُٺ ڀاڙي ڪري ڏنو واٽ تي ڏٺائين ته ھڪ پوڙھو ڪولھي، پيادل پيو وڃي، بس، ھو لھي پيو،  کيس اٺ تي سوار ڪري پاڻ مھار وٺي پيادل ھلڻ لڳو، ھن ڪولھين کي زندھ رھڻ جا گُر سيکاريا، منجھن سياسي سجاڳي ۽ سماجي شعور پئدا ڪري کين ڪائونسلن ۾ ميمبر ۽ چيئرمين ڪرائي وڏن وڏن جاگيردارن جا ڍڍر ڍرا ڪري ڇڏيا. ھن کي ٿرين سان مارئيءَ واري محبت ھئي ۽ ھن اھا پڇاڙيءَ تائين نڀائي،  مسڪين جي ھن عوامي خدمت کيس اھو مقام ڏياريو جو ھو ٿرين جي ڌڙڪڻ بڻجي ويو ۽ اڄ ھڪ عوامي ڪردار جي حيثيت ۾ ڄاتو وڃي ٿو.
اڄ 23 جولاء تي ان امر ماڻھو مسڪين جھان خان کوسي جي ورسي آھي آء کيس سرخ سلام ڪيان ٿو.......

ہفتہ، 15 جولائی، 2017

بـلـوچـي ڪـويـتـا، سـنـڌي/اردو تـرجـمـي سـان....

"دوشی ماں خیالے نوخیں
دیثوں دلبرے لڈوخیں
کندیث ورشاں مرواذر
جز یث و زمیں روخہ بی
مں شاذ ہا وہا ویغا
شیری تنگثاں دوستئے رک
وہاواژہ کثوں سدھ وسار
اےشیطانا مناں پرامتہ
شیطاں اغر مڑدمی چکے بی
تہ مں چاپو لے جثّے شوشوخیں
گرے یانا شثیں ثی لوغا
مں ثی ولزہاں پریناں
زیراں کنگر و کشتی آں
بینگی گلڑے گوں گیژاں
ماپئے در دراں جکاناں
ساڑتیں ٹکراں پنڈاناں
کہ شانگوژہ جڑی آں آڑتہ
ملخاں کہ کثہ شیطانی
دوستئے پژگری کنز ینتیش
کو فغ سر جثنت نمبنیاں
"شاری" ے سری گوں ہارا
کاتکاں دہ مرازیں کلا
گرہاٹے جثوں درویشی
"شاری" درکفی کنداناں
دستے گوں گڑ و گندیماں
راستیں دستیں گوں دھولاں داث
پاذ مئیں بانکئے پاذیناں
ڈال شاہیں بروت ماں رکّاں
شانگو سارکثہ رانڈھی ے
چکاں ٹوک ایناں جوگی ے
اے گوں اندوہاں لا فیغاں
بیگہی چک گلے لتاڑتئے
"شاریا" جو او ترینتہ
جوگی اے نہ ایں گندہ زال
رند ئے سوہویں سڑدار ے
بچیں ننگریں شھذاذ ئے
واندکاریں تلیں بورانی
ہاریں گورم و میشا نی
ٹھگے نیں وثار ٹھگاڑ تئے
ای جوگی ایں ہواں لوغا نی
کہ "شاری" او "شلی" اش ماناں"......

ــــــــــــــــــــــــ

"رات کو ایک نئے خیال میں
میں نے ایک مدھر چال والی دلبر کو دیکھا
ہنستی ہے تو گریں مروارد
چلتی ہے زمین روشن ہو
میں نے نیند کی مسرتوں میں
محبوب کے ہونٹ دودھ کی طرح پیے
نیند سے جاگا
شیطان نے مجھے ورغلایا تھا
شیطاں اگر آدم زاد ہوتا
تو میں اسے زناٹے دار تھپڑ مارتا
روتا ہوا جاتا اپنے گھر
میں اپنا قیمتی لباس اتار پھینکتا ہوں
کچکول اور سنکھ اٹھا لیتا ہوں
کتے کا ایک پلا ساتھ لیتا ہوں
ہم در در ٹھہرتے رہے
روٹی کے ٹھنڈے ٹکڑے مانگتے ہوئے
کہ اس طرف سے بادل آگئے
فرشتوں نے شرارت کی
دوست کے خیمے کا پچھلا حصہ ہلایا
کندھے بھیگ گئے
"شاری" کا دوپٹہ اور ہار بھی
آتا ہوں مراد بھرے خیمے تک
ملنگوں جیسی صدا لگائی میں نے
"شاری" نکلتی ہے ہنستی ہوئی
اس کا ہاتھ گڑ اور گندم سے اٹے ہیں
دایاں ہاتھ بغل گیر ہونے کو
مالکن کے پیروں میں پاذینک نامی زیور ہیں
میری بڑی مونچھیں اس کے لبوں پہ
ادھر سے جاگ گئی بڑھیا
بچو! کسی جوگی کی آواز ہے
یہ پیٹ کے اندوہوں کے ساتھ
بچوں کو لتاڑ نہ لے
"شاری" نے جواب دیا
جوگی نہیں اے گندی عورت
رند کا شاندار سردار ہے یہ
بہادر شہداد کا بیٹا ہے
گھوڑوں کا مالک
گائیوں اور بھیڑوں کے بڑے ریوڑوں کا
ٹھگ نہیں ہے تمہیں ٹھگا دیا اس نے
یہ جوگی ہے ان گھروں کا
جہاں "شاری" اور "شلی" رہتی ہوں"........

اردو ترجمان: شاہ محمد مری

ـــــــــــــــــــــــ

رات جو ھڪ نئین خيال ۾
مون ھڪ مڌر چال واري دلبر کي ڏٺو
کلي ٿي تہ موتي ٿا ڪرن
ھلي ٿي تہ زمين ٿئي روشن
مون ننڊ جي مُسرتن مان
محبوب جا چپ کير جيان پيتا
جاڳ ٿي
شيطان مون کي ورغلايو
شيطان اگر آدم زاد ھجي ھا
تہ آء ان کي  چماٽ وھايان ھا
روئیندو گھر وڃي ھا......
آء پنھنجو قيمتي لباس لاھي اڇلايان ٿو
ڪستو ۽  سنک کڻي وٺان ٿو
ڪُتي جو گُلر بہ ساڻ ڪريان ٿو
اسين در در بيھندا رھياسين
ماني جا ٺريل ڀور پنندي
تہ ھُن پاسي کان جُھڙ اچي ويا
فرشتن شرارت ڪئي
سنگتي جي خيمي جو پويون حصو لوڏيو
ڪلھا پُسي ويا
”شاري“ جي پوتي ۽  ھار پڻ
آيس  مراد واري خيمي ڏانھن
منلگن واري صدا ھنيم
”شاري“ کلندي نڪري ٿي
ھن جا ھٿ ڳڙ ۽  ڏاري سان ڀريل آھن
ساڄو ھٿ ڳراٽي لاء
ھن جي پيرن ۾ ساٽيون آھن
منھنجون وڏيون مُڇون ھن جي چپن تي
ھوڏانھن ڏوڪري جاڳي پئي
ٻارو! ڪنھن جوڳي جو آواز آھي
ھي پيٽ جي بک سان
ٻارن کي لتاڙي نہ ڇڏي
”شاري“ جواب ڏنس
جوڳي ڪونھي ڪِني مائي
رنـد جو شاندار سردار آ ھي
بھادر شھداد جو پٽ
گھوڙن جو مالڪ
ڍڳين ۽  رڍن جي وڏن ڌڻن جو
ٺڳ ڪونھي ھي توکي ٺڳي ويو
ھي جوڳي انھن گھرن جو
جتي ”شاري“ ۽ ”شلي“ رھنديون ھجن...........

سنڌي ترجمان: سڪندر کوسو

پیر، 10 جولائی، 2017

رانـد ڇـڏجـي رتـي ـ مـيلـو ڇـڏجـي مـتـو

هن فاني جهان مان ته هر ڪنهن کي لڏڻو آهي. خالقِ ڪائنات جو جوڙيل هي جهان جنهن ۾ هر ڪنهن جي حصي ۾ سندس ڪردار جا ڊائيلاگ لکيل آهن ۽ اهو پنهنجي حصي جي اداڪاري ڪندو دنيا جي اسٽيج تان رخصت ٿو ٿئي..... پر الاس هي پيارا ماڻهو جنهن جي سواءِ پل گذارڻ به وڏو مامرو هجي اهي ايئن اوچتا هليا ٿا وڃن ڪا ڪل پوڻ ئي نٿا ڏين........ ڪو خيال به نٿا ڪن ته انهن سواءِ هن جهان جو ڪارونهوار ته خير هلي ويندو مگر ڪجھ اهڙا روح به هن دنيا ۾ رهجي وڃن ٿا جن جو هڪ پل به ڀارِي برج وانگر ٿيو پوي.........! الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن سوچون منجمند ٿيو وڃن عجيب احساس ڪر کڻي من تي مانڌاڻ مچايو ڇڏين، جيئن مندائتا مينهن هميشه خوشحالي جي علامت سمجھيا ويندا آهن پر خوشحالي آڻيندا پڻ آهن، ائين اڻ مندائتا هميشه خوشحالي جي نفي سمجھيا ويندا آهن. اهڙي ئي ريت ڪنهن جو اڻ مندائتو وڇوڙو دل کي اهڙا ته جھير ڏيئي ويندو آهي.......! جيئن استاد بخاري چيو ته

”هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا، ٻيو تو مان نه ٿي ڍئو سهڻا “.

هن فاني جهان ۾ ڪيئي ڪم آهن جيڪي اسين ڪرڻ چاهيندا آهيون، ڪيئي اهڙيون شيون آهن جيڪي اسان ڪري ويندا آهيون، ڪجھ اهڙا ڪم هوندا آهن جيڪي فوري طور تي ڪبا آهن، ڪي ڳالهيون وري سڀاڻي تي ڇڏبيون آهن، پر هائي ڙي زمانا.....................!!!! ايتري مهلت آهي ڪٿي هن مٽي جي ماڻهو کي.......... مالڪ جو حڪم ٿيو ۽ سڀ ختم...............!!!! سڀ ڳالهيون ختم...........!!!! اهي ڪم جيڪي سڀاڻي تي ڇڏيل هئا انهن جو الائي ڇا ٿيندو...........!!!!؟؟؟؟ اهي روح جيڪي پاڻ ۾ جڪڙيل هئا انهن جي سار ڪير لهندو ..............!!!!؟؟؟؟؟ نه نه ڪا پرواھ ڪرڻ بنا بس مالڪ جي حڪم جي بجا آوري ڪرڻي پوندي آهي..........!!!! ۽ پوءِ بس ان وڃڻ واري جي ياد ئي هوندي آهي جا پوين جو ڪل اثاثو هوندي آهي. نئون سال شروع ٿيو ته اسان ڀانيو ته هي سال اڳ وارن سالن کان بهتر هوندو پر بس اڃا رڳو 19 ڏينهن ئي ته مس گذريا هئا ۽ 20ھين ڏينهن تي ئي اسان لاءِ قهر جو صبح اڀريو جڏهن معمول موجب تيار ٿي آفيس پهتا سين ته دوست جي ڪال آئي ۽ بس.............!!!! هڪ جهان هو جيڪو ختم ٿيو............!!!! هڪ دور هو جنهن جي پڄاڻي ٿي................!!!! هڪ ٽهڪ بند ٿيو............!!!! اکين اڳيان اونداھ اچي وئي فون ڪال جي اسپيڪر تي ڪاڪي عمر جو اهو جملو گونجيو ته محراب بجير کي مالڪ جو حڪم اچي پهتو...........!!!! ۽ پوءِ بس.............!!!! زمين کي پيرن هيٺيان کسڪندي محسوس ڪيوسين...........!!!! ڀڳا سين اسپتال پهتا سين، پر يار ايتري جلدي ڪئي جو اسان سان موڪلائي به نه ويو.............!!!!! بظاهر ته هڪ بهانو ٿيو دل تي حملي جو.............. پر حقيقي حڪم ته بس مالڪ جو ئي ٿيو نه ..........!!!! هوءَ جنهن جا ٽهڪ اڄ به ذهن جي ڪنڊن ۾ گونجن پيا................. زندگي جون حسناڪيون جيڪي هن ڀرپور انداز ۾ گذاريون، هڪ بهترين، ايماندار ۽ مخلص شخص جيڪو سدائين ٻين جي ڀلي لاءِ ٿيار.............!!! هر وقت سنگت جي سڏ ۾ گڏ، اهڙو ته معتبر هو جو ڏاڍن کي به پرچائي ويندو هو.

“راند ڇڏجي رتي، ميلو ڇڏجي متو، دل پڪي وئين ڪري دير سان پيو پتو“

جهان جي هن جھنجھٽ ۾ اسان کي رتي راند ۾ ڇڏي ويو، متل ميلي مان اوچتو پاسيرو ٿي ويو. چوندا آهن ته ”جواني ۾ جوکم کڻڻ، حياتي جو رومانس آهي“ ۽ هن سدائين اها سٽ پنهنجي زندگي ۾ استعمال ڪئي. ڦوھ جواني ۾ ڪيترائي جوکم کڻي حياتي جو رومانس ماڻيندو رهيو ۽ وڃڻ ويل به جوکم کڻي اسان جي پڌر تي لڙڪن جا پن ڇڻ اماڻي الئي ته ڪهڙو رومانس کڻي سڀني کي ويران ڪري ويو.
سمورو دوستي جو حلڪو جيڪو سندس ٽهڪن تي ائين مِڙي اچي گڏ ٿيندو هو جيئن ماکو رس تي. ھو دوستي جو محور هو، اهو محور اڄ نه رهيو، اڪيلا اڪيلا ٿي ويا آهيون، ڪا به شئي دل کي محسوس نه پئي ٿيئي، بس هر هر هن جون ڳالهيون دل تي تريو ٿيون اچن ۽ هڪ قهرام اندر ۾ ٻاري ٿيون ڇڏين.
پر ڪري به ڇا ٿو سگھجي.............!!!! هي ته عارضي جهان آهي جنهن مان هر ڪنهن کي پنهنجي وقت تي رخصت ٿيڻو آهي بس مالڪ جي در سندس لاءِ دعا ته کيس حقيقي جهان ۾ افضل جاءِ عطا ٿيئي. باقي هي فاني جهان آ سو پنهنجو پورائو پيو ڪندو مگر ايترو ضرور آهي ته سندس خال ڀرجڻ تمام مشڪل آهي ڇو ته اهڙن بي لوث شخصيتن لاءِ مٽي ماڳهان اصل ايتري ئي هجي ٿي...............!!!!

ڈھونڈو گے اگر ملکوں ملکوں،
ملنے کہ نہیں نایاب ہیں ہم.....

جمعرات، 6 جولائی، 2017

پڙھيل لکيل بمقابلہ باشعور ۽ اسان جو معاشرو

انسان کي ھن دنيا ۾ اشرف المخلوقات جي لقب سان نوازيو ويو آھي يعني دنيا جي جاندارن ۾  انسان جو مقام سڀني کان مٿي آھي......

اتي ھڪڙو منھنجو سوال آھي تہ ڇا سڀ انسان ان ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا.؟

يقينن اھو پنھنجي جڳھ تي ھڪ وڏو سوال آھي...ان دؤر ۾ جڏھن دنيا ترقي جون الائي ڪيتريون منزلون طئي ڪري چڪي آھي....

ھاڻي ان سوال جو جواب ڳولڻ لاء اسان پنھنجي ارد گرد ئي ڏسي وٺون تہ سڀ سمجھ ۾ اچي ويندو....

اسان جي معاشري ۾  ٻن قسمن جا انسان رھن ٿا ھڪڙا پڙھيل لکيل ۽  ٻيا باشعور.....

ھاڻي ماڻھو چون ٿا تہ باشعور اھو ھوندو آھي جيڪو پڙھيو  لکيو هجي  ٿو....باقي آڱوٺي ڇاپ ۾ ڪو شعور نالي شي پري پري تائين ڳوليو نٿي  لڀي پر منهنجي  دوست افتخار جو چوڻ آھي تہ باشعور ھجڻ لاء پڙھيل لکيل ھجڻ ضروري ڪونھي......

ان ڳالھ کي پھرين مون بہ ڪون ٿي مڃيو....پر جڏھن ھيڏانھن ھوڏانھن نظر گھمي تہ ڳالھ سمجھ ۾  اچي وئي....

مثال ھر علائقي جو انتظام ھلائڻ لاء اتي مقرر ٿيل عملدار ضرور پڙھيل لکيل ھوندا آھن تڏھن ئي تہ سرڪار انھن کي نوڪري ڏئي مقرر ڪري ٿي....پر مقرري لاء انھن سڀني جو باشعور ھجڻ ضروري ڪون ھوندو آھي......

باشعور ماڻھن جي لسٽ م منھنجي نظر ۾ چي گويرا ، فيڊرل ڪاسترو ، لينن ، ماؤ،  سوچي ۽  ٻيا اھڙا ڪيترائي نالا اچي وڃن ٿا جن جي شعور جي انتھا اھا ھئي تہ ھنن پنھنجي ماڻھن لاء پنھنجي طاقت کي وقف ڪيو پر پاڻ پنھنجي ذات لاء ڪجھ ڪون ڪيو......

سنڌ اڃا رڳو پڙھيل لکيل ماڻھن جي اڪثريت ضرور حاصل ڪئي آھي پر باشعور ٽولا بنھ گھٽ آھن....

مثال جيئن اسان جي علائقي ۾  نہ روڊ رستي جي سھولت آھي نہ سٺي اسپتال آھي نہ سٺا تعليمي ادارا آھن....منشيات جنھن ۾ گٽڪو مين پوڙيون ٺرو وغيرہ سڀ سرعام ھلي ٿو.....!

ان جو مطلب تہ اسان وٽ سڀ ڄٽ جاھل اڻپڙھيل آھن نہ بلڪل نہ پر اسان جي ادارن ۾ پڙھيل لکيل قانوندان آفيسر بہ سرڪار طرفان تعينات ٿيل آھن......

ڀلا پوء اھي سڀ مسعلا ھتي ڪيئن آھن.....؟

جڏھن اھو سوال ذھن  ۾ اچي ٿو تڏھن سمجھ ۾ اچي وڃي ٿو تہ پڙھيل لکيل ھجڻ ۽  باشعور ھجڻ ٻہ الڳ الڳ ڪيفيتون آھن.....

يقينن اوھان کي بہ سمجھ ۾ اچي ويو ھوندو......

بس منھنجي اھا گذارش آھي تہ باشعور ٿيو تہ جيئن اسان پنھنجي پاڻ کي اشرف المخلوقات ثابت ڪرڻ سان گڏ  پنھنجي معاشري مان سماجي برايون بہ ختم ڪري سگھون ۽  آءُ پالڻھار کي منٿ ڪندس تہ اسان جي علائقن ۾  مقرر ٿيل اعلي تعليم يافتہ عملدارن کي باشعور بناء تہ جيئن اھي حقيقي ڪم ڪري پنھنجي ضمير جو بوجھ ھلڪو ڪن ۽  انھن جي ڪمن سان عام ماڻھو جي ضمير کي اطمينان پھچي.....آمين

پیر، 3 جولائی، 2017

معصوم ماروي جو خيراتي ادارن ڏانھن خط

السلام عليڪم چاچا: منھنجو نالو ماروي آھي. اسين اوھان جي آفيس جي پٺين گھٽي م رھندا آھيون. ڪجھ ڏينھن پھرين توھان اسان جي گھر آيا ھيا اھو ڏسڻ تہ اسين غريب آھيون يا نہ..! تہ جيئن توھان اسان جي مالي مدد ڪري سگھو - ڪجھ ڏينھن کانپوء وري  اوھان چار پنج ماڻھن سان اسان جي گھر آيا اسان کي راشن ڏنو، امان، ادا ء منھنجي لاء عيد جا وڳا ڏنا، تصويرون ٺھرايون ء ھليا ويا ـ

چاچا اوھان کي خبر آھي تہ جڏھن آء چار سالن جي ھيس تہ منھنجو پيء گذاري ويو. بابا جي گذرندي منھنجي سڳن چاچن منھنجي ماء کي ماري ماري گھران ڪڍي ڇڏيو ان وقت منھنجو ڀاء امان جي پيٽ م ھيو ء آء چار سالن جي معصوم ـ امان در در جون ٺوڪرون کاڌيون ڪنھن رشتيدار بہ اسان جي مدد نہ ڪئي اسان جو ڪو وسيلو نہ ھو ـ امان گھرن م ٿانُ ڌوتا ، صفايون ڪيون ايئن ڪري ھو اسان جو پيٽ پاليندي ھئي امان جو پيٽ تہ اميرن جي گھرن مان گاريون کائي ڀرجي ويندو ھو ـ

امان اسان جي سامھون تہ ھميشہ کلندي ھئي پر مونکي خبر آھي رات جو لڪي لڪي روئندي ھئي ء پنھنجي دل جو بار ھلڪو ڪندي ھئي- آء تہ کيس دلاسو بہ نٿي ڏئي سگھيس تہ سڀ ٺيڪ ٿي ويندوـ اسين غريب ماڻھو اڪثر ايئن روئي پنھنجي زندگين جو بار ھلڪو ڪندا آھيون- رات امان وري رُني پي الائي ڪھڙو سبب ھو جو چپ بہ نہ پي آيس- جڏھن اکين جو پاڻي سُڪو تہ ننڍ اچي ويس- آء اٿي سندس پيرن کي زور ڏيڻ لڳس تہ ڪجھ آرام اچي وڃيس ايئن زور ڏيندي منھنجي نظر امان جي ھٿ م جھليل اخبار تي پئي جنھن م امان منھنجو ء ڀاء جو اوھان کان راشن ء ڪپڙا وٺندي ڦوٽو ڇپيو ھو- آء سمجھي ويس تہ امان ڇو پي رُني- گذريل سال بہ ايئن ئي ٿيو ھو- انھن ڦوٽن جي ڪري پاڙي وارا اسان کي ٺوڪرون ھڻن ٿاـ جڏھن عيد تي اسان ڪپڙا پائي ٻاھر وڃو ٿا تہ سڀ اسان کي پنڻو پنڻو چئي تنگ ڪنٿا- امان کي پاڙي وارا حقارت مان ڏسن ٿا- 

چاچا توھان کي گذارش آھي تہ پنھنجا نوان ڪپڙا ء راشن واپس کڻي وڃو- مونکي منھنجي ماء سان محبت آھي ء اسان جي ڪري ھو روئي اھو مونکان برداشت نٿو ٿي- ھونئن بہ اسان غريبن جون ڪھڙيون عيدون..!

اوھان کي ھڪڙي ٻي گذارش بہ ڪندس تہ ڪنھن غريب جي مدد ڪيو تہ ان کي اخبار م نہ ڏيندا ڪريو ڇو تہ پوء جيڪا تڪليف اھو غريب سھي ٿو انجو اوھان کي اندازو ڪونھي- 

مالڪ اوھان کي دولت ڏني آھي ان م اوھان جو تہ ڪو ڪمال ڪونھي جي اسان کي غريب ڪيو اٿس تہ ان م اسان جو تہ ڪو ڏوھ ڪونھي-
مالڪ اوھان کي خوش رکي--آمين (ترجمو)

ہفتہ، 1 جولائی، 2017

قـصـو ھـڪ گـم ٿـيـل قـبـر جـو........!

ھونئن تہ ھاري تحريڪ سنڌ ۾ ٽي سؤ سال پراڻي آھي پر خاص طور ھن تحريڪ جو ذڪر سنڌ ۾ 1930 کان ٿي ٿو جڏھن ميرپورخاص ۾  ھاري ڪانفرنس ڪرائي تحريڪ جو منظم بنياد وڌو ويو پوء جڏھن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 1945 ۾ سنڌ سرڪار جي سڻڀي نوڪري ٿڏي اچي ھاري تحريڪ ۾  شامل ٿيو تہ ان تحريڪ اڃا زور ورتو.....بحرحال اسان اڌ بٽئي تحريڪ جو ذڪر ڪنداسين جنھن کي مائي بختاور ۽  بالاچ بروھي جي رت ريٽو ڪيو....

جڏھن اھا تحريڪ شروع ٿي تہ ھاري ڪميٽي جي اڳواڻن ھارين ۾  سڄاڳي آڻن لاء اھو اعلان ڪرايا تہ جڏھن فصل بٽئي لاء تيار ھجي تہ ورھائڻ کان اڳ تحريڪ جي اڳواڻن کي اطلاع ڪيو وڃي... پوء ٿيو بہ ايئن جو ھاري ڳاھ ڳاھي راھ ٺاھي جڏھن کرا تيار ڪندا ھيا تہ وڃي تر جي ڪاميٽي جي اڳواڻن کي اطلاع ڏيندا ھيا پوء اھي اڳواڻ ھاري سميت کري تي اچڻ کان اڳ ۾  ذميندار کي بہ نياپو ڪندا ھيا تہ کري تي اچي بٽئي ڪرايو....ھاري ڳاڙھا جھنڊا کڻي "جاڳيا ھاري جاڳيا" جا نعرا ھڻندا اچي کري تي گڏ ٿيندا ھيا پوء جيڪڏھن ذميندار ڪونہ ايندو ھو تہ ھي ھاري اڳواڻ پاڻ سان ڏٻو بہ کنيو ايندا ھيا ۽  اتي ئي ھڪ ڏٻو ھاري جو ٻيو ذميندار جو فصل اڌواڌ ڪري وري بہ ذميندار ڏانھن نياپو ڪرائیندا ھیا تہ پنھنجو حصو کڻي وڃي......اھڙين سڄاڳين لاء هاري اڳواڻن پاران  مختلف ھنڌن تي ھاري ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون....اڌ بٽئي تحريڪ جو مرڪز ميرپورخاص،  نوابشاھ ۽  عمرڪوٽ رھيا.....

22 جون سومر جو ڏينھن ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي سڏ تي جھڏي ۾  ھاري ڪانفرنس ٿي علائقي جا مرد ھاري سڀ ان ڪانفرنس ۾ شرڪت لاء ويل ھيا.....تہ مقامي ذميندار چوڌري سعداللہ موقعي جو فائدو وٺندي 30 کان 40 گاڏيون ساڻ ڪري کري تان انُ کڻڻ پھتو تہ ان وقت ٽالھي ويجھو ڳوٺ ھئدي لاشاري جي مائي بختاور لاشاري ڏانٽو ھٿ ۾  ڪري بندوقن واري ذميندار کي للڪاريندي چيائین تہ.... ”جيستائين اسان جا مرد هارين جي ڪانفرنس تان واپس نہ ايندا ايستائين اوهان کي کري مان ڪڻڪ کڻن نہ ڏيندس“.......پوء اتي ان بدمست ذميندار ۽ ان جي ڇاڙتن مائي بختاور تي گوليون ھلائي کيس شھيد ڪري ڇڏيو.....

شھيد بختاور جيڪا اسٽيٽ جي سامهون  ڏانٽو کڻي ٿي ان جو پوٽو پيروز لاشاري اھا ڳالھ ڪري ٿو تہ اسان کي بہ خبر ناھي تہ شھيد جي قبر ڪٿي آھي....چوي ٿو تہ ھينئر شھيد جي نالي سان جيڪا يوسي ٺاھي اٿن ان جو ھيڊڪوارٽر بہ ڪنھن وڏيري جو ڳوٺ آھي........ نبي سر جتي شھيد بختاور سان گڏ لغاري ڀائرن ڪامريڊ غلام محمد ۽  غلام حيدر لغاري جو ذڪر بہ ٿي ٿو،  اتي مصري ۽  پوڙھو ڀيل بہ ھيا......جتي سرخو جھنڊو بہ ھو تہ ڏانٽي ڪھاڙي وارو جھنڊو بہ ھو .....پراڻن ڪامريڊن کي اهو  اڃا بہ ياد ھجي....پر اڄ جا سرخا رڳو ڳالھيار آھن 1988 کانپوء ھاري تحريڪ ٿوري ماٺي ٿي وئي.... اڌ بٽئي تحريڪ شھيد بختاور جي قرباني کانپوء ڪامياب ٿي..... ھاري جيڪي اڄ فصل مان ذميندار کان اڌ کڻن ٿا اھو مائي بختاور شھيد جي رت جو ثمر آھي.......

ان ھاري ھلچل جي شھيد ۽  سنڌ جي عظيم نياڻي مائي بختاور جي قبر ڪير ڳوليندو...!؟