ٿر، سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن، ادب ۽ ثقافت جي سرزمين آھي، ھيءَ محبتن جي داستانن، شجاعت جي ڪارنامن ۽ عشقيہ افسانن جو اھو مرڪز آھي جنھن کي پنھنجو ڌار ثقافتي ورثو آھي، سنڌ جي 55 لوڪ گيتن مان 45 لوڪ گيت ٿر سان وابسته آھن..... ٿر جتي ڪيترائي تاريخي ڪردار گذريا اُتي مسڪين جھان خان کوسي بہ پنھنجو پاڻ ملھايو. ھن پوليس کاتي جي نوڪري صرف ان ڪري ڇڏي تہ ھن کان پوليس پاران غريبن تي ڪيل ڏاڍ برداشت نہ ٿيندا ھيا. ھن پنھنجي ساري زندگي ٿر ۽ ٿرين لاءِ وقف ڪئي، ھو ٿر لاءِ جيئرو رھيو ۽ ٿر لاءِ مُئو، چوندا آھن ته “وُٺو ته ٿر، نه ته بَر جو بَر” ۽ جڏھن ٿر، بَر ٿيندو آھي ۽ بُک ۽ ڏُڪر جا ولر ماروئڙن کي موت جي ننڊ ڏيندا آھن تڏھن مسڪين ٿرين کي وٺي اچي آفيسرن سان ملائيندو، ٿرين لاءِ امداد وٺندو، دوائون، ڪپڙو ۽ اناج ھٿ ڪري حقدارن تائين پھچائيندو ھو..... پنھنجي لاءِ ته ھر ڪو جيئي پر ٻين لاءِ به ته جيءَ ڏيکاري، مسڪين پاڻ ماري به ٻين لاءِ زندھ رھيو، ھڪ ڀيري گھر جي ڪنھن مائيءَ کيس چيو ته ”ڪپڙا ڏي ته ڌوئي ڏيانءِ“ ته چوڻ لڳو ”آءٌ ڪپڙن ڌئارڻ ۽ وھنجڻ لاءِ گھر ۾ ويھي رھان ته منھنجا مسڪين ٿريا ميرپور ۾ رُلي مرندا“ ڪيڏو نه خدمتِ خلق جو جذبو آھي، ڪيڏو نه بلند ڪردار آھي، ڪيڏو نه عظيم خيال آھي جو پنھنجو آرام ڦٽائي ٻين کي سُک ڏئي ٿو، ھڪ دفعي جي ڳالھ آھي ته حيدرآباد ۾ ھڪ ٻه ماڙ جاءِ ڪري پيئي رات جو وقت ھو ھر ڪو ننڊ ۾، ماڻھن جون دانھون ڪوڪون ڪير ٻڌي؟ اوچتو مسڪين کي ڪَن تي آواز پيو، جيڪو ڀرسان ستل ھو، ان وقت ڊوڙي آيو، ڪرندڙ جاءِ ۾ گھڙي پيو، سِر تريءَ تي رکي زخمي ماڻھن کي سھارو ڏيئي ٻاھر ڪڍي آيو ۽ پوءِ پاڙي مان تغاري ۽ ڪوڏر کڻي اچي مٽي ڍوئڻ بيٺو، اھڙي طرح لاڳيتو رات ڏينھن سخت سردي ۾ سواءِ ڪنھن اجوري جي ڪم ڪندو رھيو....
مسڪين سدائين انھيءَ سوچ ۾ ھوندو ھو ته ماڻھن ۾ ماڻھپو رھي، پيار ۽ سِڪ ھجي، نفرت ۽ ڪدورت نه ھجي، “آدمين اخلاص، مٽائي ماٺو ڪيو” واري ڪار نه ھجي، ان ڪري ھو سدائين ٻه وڙھيل گھر پاڻ ۾ ٺاھيندو ۽ رٺلن کي پرچائيندو ھو، ھو سفارش ۽ رشوت کان بنھ پري ھو، ٿاڻو ھجي يا ڪورٽ، وڏيري جي اوطاق ھجي يا زميندار جي ٻني پر مسڪين، ڪولھين کي ساڻ ڪيو سندن حق وٺڻ لاءِ جتي ڪٿي حاضر، ھن پنھنجي ذات کي ته صفا ماري ڇڏيو، ھو ٻين لاءِ زندھ رھيو، ايتري تائين جو پنھنجي وات جو گرھ به ٻين کي ڪڍي کارائيندو ھو، ٿر جو ڏتڙيل ۽ پيڙھيل عوام، ڪولھي، ڀيل ۽ ميگھواڙ آھن، مسڪين سندن خدمت مذھبي مت ڀيد کان ھٽي ڪري ڪئي، ھو چوندو ھو ته ”مسڪين ھميشہ سندن مدد ھر ظلم ۾ ڪندو رھندو ان لاءِ کيس ڪيڏي به قرباني ڇونه ڪرڻي پوي“ ھو چوندو ھو ته ”اڇوتن جي خدمت مسڪين انسانيت جي اعليٰ جذبي ۽ اصول تحت ڪري ٿو جنھن ۾ ڪنھن به غرض يا مطلب جو دخل ڪونھي“ ھڪ دفعي سندس سڳي ڀاءُ ڪنھن ڪولھيءَ سان ٺڳي ڪري پئسا ڦريا، مسڪين پاڻ پنھنجي ڀاءُ تي ڪيس داخل ڪري، جيل ۾ وجھرائي، ڪولھيءَ کي پئسا واپس وٺي ڏنا، ٻئي دفعي جي ڳالھ آھي ته سخت سرديءَ ۾ مسڪين کي ڪنھن ويجھي عزيز گرم ڪوٽ وٺي ڏنو ٻئي ڏينھن ھن اھو ڪوٽ ڪنھن غريب ڪولھي کي ڏيئي ڇڏيو، ھڪ ڏينھن مسڪين کي ڪنھن اُٺ ڀاڙي ڪري ڏنو واٽ تي ڏٺائين ته ھڪ پوڙھو ڪولھي، پيادل پيو وڃي، بس، ھو لھي پيو، کيس اٺ تي سوار ڪري پاڻ مھار وٺي پيادل ھلڻ لڳو، ھن ڪولھين کي زندھ رھڻ جا گُر سيکاريا، منجھن سياسي سجاڳي ۽ سماجي شعور پئدا ڪري کين ڪائونسلن ۾ ميمبر ۽ چيئرمين ڪرائي وڏن وڏن جاگيردارن جا ڍڍر ڍرا ڪري ڇڏيا. ھن کي ٿرين سان مارئيءَ واري محبت ھئي ۽ ھن اھا پڇاڙيءَ تائين نڀائي، مسڪين جي ھن عوامي خدمت کيس اھو مقام ڏياريو جو ھو ٿرين جي ڌڙڪڻ بڻجي ويو ۽ اڄ ھڪ عوامي ڪردار جي حيثيت ۾ ڄاتو وڃي ٿو.
اڄ 23 جولاء تي ان امر ماڻھو مسڪين جھان خان کوسي جي ورسي آھي آء کيس سرخ سلام ڪيان ٿو.......
ہفتہ، 22 جولائی، 2017
سنڌ جو عوامي ڪردار مسڪيـن جھـان خـان کـوسـو
سبسکرائب کریں در:
تبصرے شائع کریں (Atom)
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں