انسان کي ھن دنيا ۾ اشرف المخلوقات جي لقب سان نوازيو ويو آھي يعني دنيا جي جاندارن ۾ انسان جو مقام سڀني کان مٿي آھي......
اتي ھڪڙو منھنجو سوال آھي تہ ڇا سڀ انسان ان ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا.؟
يقينن اھو پنھنجي جڳھ تي ھڪ وڏو سوال آھي...ان دؤر ۾ جڏھن دنيا ترقي جون الائي ڪيتريون منزلون طئي ڪري چڪي آھي....
ھاڻي ان سوال جو جواب ڳولڻ لاء اسان پنھنجي ارد گرد ئي ڏسي وٺون تہ سڀ سمجھ ۾ اچي ويندو....
اسان جي معاشري ۾ ٻن قسمن جا انسان رھن ٿا ھڪڙا پڙھيل لکيل ۽ ٻيا باشعور.....
ھاڻي ماڻھو چون ٿا تہ باشعور اھو ھوندو آھي جيڪو پڙھيو لکيو هجي ٿو....باقي آڱوٺي ڇاپ ۾ ڪو شعور نالي شي پري پري تائين ڳوليو نٿي لڀي پر منهنجي دوست افتخار جو چوڻ آھي تہ باشعور ھجڻ لاء پڙھيل لکيل ھجڻ ضروري ڪونھي......
ان ڳالھ کي پھرين مون بہ ڪون ٿي مڃيو....پر جڏھن ھيڏانھن ھوڏانھن نظر گھمي تہ ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي....
مثال ھر علائقي جو انتظام ھلائڻ لاء اتي مقرر ٿيل عملدار ضرور پڙھيل لکيل ھوندا آھن تڏھن ئي تہ سرڪار انھن کي نوڪري ڏئي مقرر ڪري ٿي....پر مقرري لاء انھن سڀني جو باشعور ھجڻ ضروري ڪون ھوندو آھي......
باشعور ماڻھن جي لسٽ م منھنجي نظر ۾ چي گويرا ، فيڊرل ڪاسترو ، لينن ، ماؤ، سوچي ۽ ٻيا اھڙا ڪيترائي نالا اچي وڃن ٿا جن جي شعور جي انتھا اھا ھئي تہ ھنن پنھنجي ماڻھن لاء پنھنجي طاقت کي وقف ڪيو پر پاڻ پنھنجي ذات لاء ڪجھ ڪون ڪيو......
سنڌ اڃا رڳو پڙھيل لکيل ماڻھن جي اڪثريت ضرور حاصل ڪئي آھي پر باشعور ٽولا بنھ گھٽ آھن....
مثال جيئن اسان جي علائقي ۾ نہ روڊ رستي جي سھولت آھي نہ سٺي اسپتال آھي نہ سٺا تعليمي ادارا آھن....منشيات جنھن ۾ گٽڪو مين پوڙيون ٺرو وغيرہ سڀ سرعام ھلي ٿو.....!
ان جو مطلب تہ اسان وٽ سڀ ڄٽ جاھل اڻپڙھيل آھن نہ بلڪل نہ پر اسان جي ادارن ۾ پڙھيل لکيل قانوندان آفيسر بہ سرڪار طرفان تعينات ٿيل آھن......
ڀلا پوء اھي سڀ مسعلا ھتي ڪيئن آھن.....؟
جڏھن اھو سوال ذھن ۾ اچي ٿو تڏھن سمجھ ۾ اچي وڃي ٿو تہ پڙھيل لکيل ھجڻ ۽ باشعور ھجڻ ٻہ الڳ الڳ ڪيفيتون آھن.....
يقينن اوھان کي بہ سمجھ ۾ اچي ويو ھوندو......
بس منھنجي اھا گذارش آھي تہ باشعور ٿيو تہ جيئن اسان پنھنجي پاڻ کي اشرف المخلوقات ثابت ڪرڻ سان گڏ پنھنجي معاشري مان سماجي برايون بہ ختم ڪري سگھون ۽ آءُ پالڻھار کي منٿ ڪندس تہ اسان جي علائقن ۾ مقرر ٿيل اعلي تعليم يافتہ عملدارن کي باشعور بناء تہ جيئن اھي حقيقي ڪم ڪري پنھنجي ضمير جو بوجھ ھلڪو ڪن ۽ انھن جي ڪمن سان عام ماڻھو جي ضمير کي اطمينان پھچي.....آمين
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں