السلام عليڪم چاچا: منھنجو نالو ماروي آھي. اسين اوھان جي آفيس جي پٺين گھٽي م رھندا آھيون. ڪجھ ڏينھن پھرين توھان اسان جي گھر آيا ھيا اھو ڏسڻ تہ اسين غريب آھيون يا نہ..! تہ جيئن توھان اسان جي مالي مدد ڪري سگھو - ڪجھ ڏينھن کانپوء وري اوھان چار پنج ماڻھن سان اسان جي گھر آيا اسان کي راشن ڏنو، امان، ادا ء منھنجي لاء عيد جا وڳا ڏنا، تصويرون ٺھرايون ء ھليا ويا ـ
چاچا اوھان کي خبر آھي تہ جڏھن آء چار سالن جي ھيس تہ منھنجو پيء گذاري ويو. بابا جي گذرندي منھنجي سڳن چاچن منھنجي ماء کي ماري ماري گھران ڪڍي ڇڏيو ان وقت منھنجو ڀاء امان جي پيٽ م ھيو ء آء چار سالن جي معصوم ـ امان در در جون ٺوڪرون کاڌيون ڪنھن رشتيدار بہ اسان جي مدد نہ ڪئي اسان جو ڪو وسيلو نہ ھو ـ امان گھرن م ٿانُ ڌوتا ، صفايون ڪيون ايئن ڪري ھو اسان جو پيٽ پاليندي ھئي امان جو پيٽ تہ اميرن جي گھرن مان گاريون کائي ڀرجي ويندو ھو ـ
امان اسان جي سامھون تہ ھميشہ کلندي ھئي پر مونکي خبر آھي رات جو لڪي لڪي روئندي ھئي ء پنھنجي دل جو بار ھلڪو ڪندي ھئي- آء تہ کيس دلاسو بہ نٿي ڏئي سگھيس تہ سڀ ٺيڪ ٿي ويندوـ اسين غريب ماڻھو اڪثر ايئن روئي پنھنجي زندگين جو بار ھلڪو ڪندا آھيون- رات امان وري رُني پي الائي ڪھڙو سبب ھو جو چپ بہ نہ پي آيس- جڏھن اکين جو پاڻي سُڪو تہ ننڍ اچي ويس- آء اٿي سندس پيرن کي زور ڏيڻ لڳس تہ ڪجھ آرام اچي وڃيس ايئن زور ڏيندي منھنجي نظر امان جي ھٿ م جھليل اخبار تي پئي جنھن م امان منھنجو ء ڀاء جو اوھان کان راشن ء ڪپڙا وٺندي ڦوٽو ڇپيو ھو- آء سمجھي ويس تہ امان ڇو پي رُني- گذريل سال بہ ايئن ئي ٿيو ھو- انھن ڦوٽن جي ڪري پاڙي وارا اسان کي ٺوڪرون ھڻن ٿاـ جڏھن عيد تي اسان ڪپڙا پائي ٻاھر وڃو ٿا تہ سڀ اسان کي پنڻو پنڻو چئي تنگ ڪنٿا- امان کي پاڙي وارا حقارت مان ڏسن ٿا-
چاچا توھان کي گذارش آھي تہ پنھنجا نوان ڪپڙا ء راشن واپس کڻي وڃو- مونکي منھنجي ماء سان محبت آھي ء اسان جي ڪري ھو روئي اھو مونکان برداشت نٿو ٿي- ھونئن بہ اسان غريبن جون ڪھڙيون عيدون..!
اوھان کي ھڪڙي ٻي گذارش بہ ڪندس تہ ڪنھن غريب جي مدد ڪيو تہ ان کي اخبار م نہ ڏيندا ڪريو ڇو تہ پوء جيڪا تڪليف اھو غريب سھي ٿو انجو اوھان کي اندازو ڪونھي-
مالڪ اوھان کي دولت ڏني آھي ان م اوھان جو تہ ڪو ڪمال ڪونھي جي اسان کي غريب ڪيو اٿس تہ ان م اسان جو تہ ڪو ڏوھ ڪونھي-
مالڪ اوھان کي خوش رکي--آمين (ترجمو)
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں