پیر، 10 جولائی، 2017

رانـد ڇـڏجـي رتـي ـ مـيلـو ڇـڏجـي مـتـو

هن فاني جهان مان ته هر ڪنهن کي لڏڻو آهي. خالقِ ڪائنات جو جوڙيل هي جهان جنهن ۾ هر ڪنهن جي حصي ۾ سندس ڪردار جا ڊائيلاگ لکيل آهن ۽ اهو پنهنجي حصي جي اداڪاري ڪندو دنيا جي اسٽيج تان رخصت ٿو ٿئي..... پر الاس هي پيارا ماڻهو جنهن جي سواءِ پل گذارڻ به وڏو مامرو هجي اهي ايئن اوچتا هليا ٿا وڃن ڪا ڪل پوڻ ئي نٿا ڏين........ ڪو خيال به نٿا ڪن ته انهن سواءِ هن جهان جو ڪارونهوار ته خير هلي ويندو مگر ڪجھ اهڙا روح به هن دنيا ۾ رهجي وڃن ٿا جن جو هڪ پل به ڀارِي برج وانگر ٿيو پوي.........! الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن سوچون منجمند ٿيو وڃن عجيب احساس ڪر کڻي من تي مانڌاڻ مچايو ڇڏين، جيئن مندائتا مينهن هميشه خوشحالي جي علامت سمجھيا ويندا آهن پر خوشحالي آڻيندا پڻ آهن، ائين اڻ مندائتا هميشه خوشحالي جي نفي سمجھيا ويندا آهن. اهڙي ئي ريت ڪنهن جو اڻ مندائتو وڇوڙو دل کي اهڙا ته جھير ڏيئي ويندو آهي.......! جيئن استاد بخاري چيو ته

”هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا، ٻيو تو مان نه ٿي ڍئو سهڻا “.

هن فاني جهان ۾ ڪيئي ڪم آهن جيڪي اسين ڪرڻ چاهيندا آهيون، ڪيئي اهڙيون شيون آهن جيڪي اسان ڪري ويندا آهيون، ڪجھ اهڙا ڪم هوندا آهن جيڪي فوري طور تي ڪبا آهن، ڪي ڳالهيون وري سڀاڻي تي ڇڏبيون آهن، پر هائي ڙي زمانا.....................!!!! ايتري مهلت آهي ڪٿي هن مٽي جي ماڻهو کي.......... مالڪ جو حڪم ٿيو ۽ سڀ ختم...............!!!! سڀ ڳالهيون ختم...........!!!! اهي ڪم جيڪي سڀاڻي تي ڇڏيل هئا انهن جو الائي ڇا ٿيندو...........!!!!؟؟؟؟ اهي روح جيڪي پاڻ ۾ جڪڙيل هئا انهن جي سار ڪير لهندو ..............!!!!؟؟؟؟؟ نه نه ڪا پرواھ ڪرڻ بنا بس مالڪ جي حڪم جي بجا آوري ڪرڻي پوندي آهي..........!!!! ۽ پوءِ بس ان وڃڻ واري جي ياد ئي هوندي آهي جا پوين جو ڪل اثاثو هوندي آهي. نئون سال شروع ٿيو ته اسان ڀانيو ته هي سال اڳ وارن سالن کان بهتر هوندو پر بس اڃا رڳو 19 ڏينهن ئي ته مس گذريا هئا ۽ 20ھين ڏينهن تي ئي اسان لاءِ قهر جو صبح اڀريو جڏهن معمول موجب تيار ٿي آفيس پهتا سين ته دوست جي ڪال آئي ۽ بس.............!!!! هڪ جهان هو جيڪو ختم ٿيو............!!!! هڪ دور هو جنهن جي پڄاڻي ٿي................!!!! هڪ ٽهڪ بند ٿيو............!!!! اکين اڳيان اونداھ اچي وئي فون ڪال جي اسپيڪر تي ڪاڪي عمر جو اهو جملو گونجيو ته محراب بجير کي مالڪ جو حڪم اچي پهتو...........!!!! ۽ پوءِ بس.............!!!! زمين کي پيرن هيٺيان کسڪندي محسوس ڪيوسين...........!!!! ڀڳا سين اسپتال پهتا سين، پر يار ايتري جلدي ڪئي جو اسان سان موڪلائي به نه ويو.............!!!!! بظاهر ته هڪ بهانو ٿيو دل تي حملي جو.............. پر حقيقي حڪم ته بس مالڪ جو ئي ٿيو نه ..........!!!! هوءَ جنهن جا ٽهڪ اڄ به ذهن جي ڪنڊن ۾ گونجن پيا................. زندگي جون حسناڪيون جيڪي هن ڀرپور انداز ۾ گذاريون، هڪ بهترين، ايماندار ۽ مخلص شخص جيڪو سدائين ٻين جي ڀلي لاءِ ٿيار.............!!! هر وقت سنگت جي سڏ ۾ گڏ، اهڙو ته معتبر هو جو ڏاڍن کي به پرچائي ويندو هو.

“راند ڇڏجي رتي، ميلو ڇڏجي متو، دل پڪي وئين ڪري دير سان پيو پتو“

جهان جي هن جھنجھٽ ۾ اسان کي رتي راند ۾ ڇڏي ويو، متل ميلي مان اوچتو پاسيرو ٿي ويو. چوندا آهن ته ”جواني ۾ جوکم کڻڻ، حياتي جو رومانس آهي“ ۽ هن سدائين اها سٽ پنهنجي زندگي ۾ استعمال ڪئي. ڦوھ جواني ۾ ڪيترائي جوکم کڻي حياتي جو رومانس ماڻيندو رهيو ۽ وڃڻ ويل به جوکم کڻي اسان جي پڌر تي لڙڪن جا پن ڇڻ اماڻي الئي ته ڪهڙو رومانس کڻي سڀني کي ويران ڪري ويو.
سمورو دوستي جو حلڪو جيڪو سندس ٽهڪن تي ائين مِڙي اچي گڏ ٿيندو هو جيئن ماکو رس تي. ھو دوستي جو محور هو، اهو محور اڄ نه رهيو، اڪيلا اڪيلا ٿي ويا آهيون، ڪا به شئي دل کي محسوس نه پئي ٿيئي، بس هر هر هن جون ڳالهيون دل تي تريو ٿيون اچن ۽ هڪ قهرام اندر ۾ ٻاري ٿيون ڇڏين.
پر ڪري به ڇا ٿو سگھجي.............!!!! هي ته عارضي جهان آهي جنهن مان هر ڪنهن کي پنهنجي وقت تي رخصت ٿيڻو آهي بس مالڪ جي در سندس لاءِ دعا ته کيس حقيقي جهان ۾ افضل جاءِ عطا ٿيئي. باقي هي فاني جهان آ سو پنهنجو پورائو پيو ڪندو مگر ايترو ضرور آهي ته سندس خال ڀرجڻ تمام مشڪل آهي ڇو ته اهڙن بي لوث شخصيتن لاءِ مٽي ماڳهان اصل ايتري ئي هجي ٿي...............!!!!

ڈھونڈو گے اگر ملکوں ملکوں،
ملنے کہ نہیں نایاب ہیں ہم.....

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں