بدھ، 28 جون، 2017

بـندہ بھی تـُو ـ خـُدا بھی تُـو ـ

اڄڪلھ سوشل ميڊيا جي طاقت کي ھر ڪو محسوس ڪري سگھي ٿو. گھر ويٺل ماڻھو بہ ڄڻ تہ صحافي ٿيو ويٺو آھي...ھڪ طرح جو عجيب انقلاب آھي ھي سوشل ميڊيا بہ ڇاڪاڻ تہ ھڪ طرف جتي ھن مان فائدو ٿي ٿو تہ ساڳئي وقت تي ھن مان نقصان بہ بنھ گھڻو آھي.....ماڻھو سوشل ميڊيا تي ويھي ذاتي دشمنيون بہ ڪڍن پيا....وڌيڪ ڊيگھ م نٿا پئون بس سادي ڳالھ تہ گذريل مھيني جا واقعا اوھان سڀني جي نظرن مان گذريا ھوندا...جن م ڪنري وارو واقعو، ساماري وارا واقعا، عمرڪوٽ وارو واقعو، کپري وارو واقعو....اھي سڀ توھان جي علم م ھوندا.....ھاڻي ھتي ھڪڙي ڳالھ جنھن کي فائدو چئي سگھون ٿا اھو اھا تہ اھڙن واقعن جي جنرلي نشاندھي ٿي جيڪا ٿيڻ بہ گھرجي..جوابدار قانون جي ڪٽھڙي م پھتا....بس ء ھاڻ ان کي قانون تي ء ڌرين تي ڇڏي ڏجي تہ ھو ڪيئن ٿا اھڙن واقعن جو نبيرو ڪن......
اھا تہ ٿي ھڪ ڳالھ جيڪا ڪرڻ سڀني جو حق آھي پر ھاڻ اچون ٿا انھن واقعن جي ٻي رخ ڏانھن جنھن م ذاتيات جي عنصر سميت ٻيون بہ ڪافي شيون شامل آھن......
ھي دنياداري آھي ھر ماڻھو جا ڪنھن نہ ڪنھن سان ضرور اختلاف ھوندا پر ان جو اھو مطلب ھرگز ڪونھي تہ ڪو ڪنھن ٻي جي بغز م ماڻھو انتھاپسند ٿي...ھر شھر ڳوٺ پاڙي برادري م چار چڱا ھوندا آھن تہ ٻہ لوفر ذھن جا ماڻھو بہ ھوندا ان جو مطلب اھو ناھي تہ ڪو سمورو شھر ڳوٺ يا برادري انھن جھڙا آھن....مونکي حيرت ان ڳالھ تي آھي تہ اسان سڀ پنھنجو پاڻ کي وڏا دانشور ، عقل جا اڪابر، اديب ء ٻيو الائي ڇا ڇا ٿا سمجھون پر عملي زندگي م ان جو مثال ڏيڻ م ناڪام ٿيا آھيون..جيئن تہ مٿي ذڪر ڪيل واقعا انھن ماڻھن جا انفرادي عمل ھيا ء آء يقين سان چئي سگھان ٿو تہ ان لاء کين ڪا بہ برادري سپورٽ نہ ملي ھوندي ء خود انھن جي برادرين جي ماڻھن بہ راڄ م نندا ڪئي ھوندي، پڙھيل لکيل طبقي انھن جي مذمت ڪئي ھوندي ء اھا ڳالھ اسين سڀ سمجھي سگھون ٿا.....پر "میں نھین منڑا" وارو قصو آھي سو جي بُل ٿو ملي تہ اسان ڪنھن بہ عزت واري جي پٽڪي ڌوڙ ڪندي دير ناھيون ڪندا بنا ڪنھن احتساب جي بس.....
ان پريڪٽس جا نتيجا تمام خطرناڪ نڪرندا ڇاڪاڻ تہ فرض ڪريو تہ اسانجي برادرين جو ڪو ماڻھو لوفر آھي ء ان جي آڙ وٺي اسان جي خلاف پروپيگينڊا ٿي تہ سوچيو اسان جو حال ڇا ھجي ھا.....جڏھن ڪنھن جي ذاتي فعل کي سموري برادرين جي مٿان الزام مڙھجي تہ پوء زيد واري واقعي تي اڄ مير علي نواز ناز ٽالپر جو روح بہ تڙپيو ھوندو، عمرڪوٽ واقعي تي ڊاڪٽر برادري کي گڏيو ٿا تہ پوء  ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب جي باري م اوھان جي ڇا راء ھوندي آھن تہ اھي بہ ڊاڪٽر برادري جا......! ڀلا جي قائمخاني برادري سڄي خراب تہ پوء سائین خورشيد  قائمخانی جو روح بہ اڄ رنو ھوندو جنھن آرمي جي ميجري ٿڏي سن آف سوئیل ٿيڻ پسند ڪيو ھو..... آء ذاتي طور سندن تحريرن جو عاشق رھيو آھيان ڇا تہ ڪمال فن ھو سائین خورشيد جو......پر اڄ اسان نام نھاد دانشورن ھڪڙي ماڻھو جي فعل تي برادرين کي ئي ڏيھ نيڪالي ڏئي ڇڏي......ايئن ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ٿيندو....دنيا جي موجودہ صورتحال م اسين ڪٿي بيٺا آھيون انجو اندازو پاڻ ڪريو....پر ھاڻ ڇا ڪجي جو اسان تہ اڃا بہ ساڳيو ڳن ساڳي ڪھاڙي واري چڪر مان نڪريون نہ پيا تہ پوء ڇڏيو  دانشوريون وڃي ٻڪريون چاريو، پٿر جي دؤر ڏانھن واپس ٿيو..... دانشور ڀائرو ٿورڙو احتساب پنھنجي اندر آڻيو سنڌو جو پاڻي پيتو اٿؤ پنھنجو اندر سنڌو جھڙو اجرو بنايو....بس.... منھنجي ھن تحرير تي يقينن ڪافي سنگت ناراض ٿيندي پر ڇا ڪجي سنڌي وارو پھاڪو تہ "لٺ کڻبي ڀاء پاران ڳالھ ڪبي اللہ لڳي" سو جيڪا ڳالھ آھي اھا چئبي ء ھونئن بہ آء مخالفتن جو عادي ماڻھو آھيان ء ھر وقت مخالفتن لاء تيار ھوندو آھيان....ھڪڙو شعر ياد پيو اچي تہ...

*تمنا دید کی موسیٰ کرے اور طور جل جائے...*
*عجب دستور علفت ھے کرے کوئی بھرے کوئی.....*

khososahib@gmail.com

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں