عمرڪوٽ جنھن جي پنھنجي ھڪڙي منفرد سڃاڻپ رھي آھي پر گذريل ڪجھ سالن کان ھن خطي جي ماڻھن جي سڃاڻپ تبديل ٿيندي پئي ڏسجي ھي پيار محبت امن ء شانتي وارو ديس ھاڻي اڻسھپ، عدم تعاون، بي حسي جي ھڪڙي علامت ٿيندو وڃي.....اسان جي سماج م رونما ٿيندڙ واقعا جن م خودڪشيون (جن کي آء سوشيو پوليٽيڪل مرڊر چوان ٿو)، اغوا، زنا، معمولي تڪرارن تان قيمتي جانين جو زيان وغيرہ اھڙا واقعا آھن جن م اضافو ٿيندو رھيو آھي...تازو ادارن جي لاپرواھي سبب ٿيل عرفان مسيع جو موت پڻ سماج لاء ھڪ سواليہ نشان آھي!
انھن واقعن جي پويان جتي حڪومتي ادارن جي لاپرواھي جو تمام گھڻو عمل دخل آھي اتي اسين پاڻ بہ ان سڀني حالتن جا ذميوار آھيون.... حڪومتي ادارن جي بيوسي ان ڪري بہ آھي جو اتي سياسي اثر تمام گھڻو آھي جن جو مثال اھي سياسي وڏيرن جا آفيسرن تي ٿيل حملا آھن....جنھن جي ڪري ادارن م ويٺل آفيسرن ماٺ ڪري پنھنجي سروس پوري ڪرڻ م پورا آھن....پر تنھن ھوندي بہ اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي ء اڃا بہ اھڙا آفيسر موجود آھن جيڪي قانون جي رٽ قائم رکندا اچن......سول سوسائیٽي م بہ ڪاريون رڍون موجود آھن جيڪي وڏيرن ء سياسي شخصيتن جي بچاء لاء ميدان تي لھنديون آھن ء غريبن جا حق غصب ڪريو وٺن..... باقي جيڪا اڪثريت آبادي جي اڻپڙھيل آھي ء جاگيردار وڏيرن جي ھاري طبقي م شمار ٿئي اھي ويچارا مجبور آھن جيڪڏھن آواز اٿارين ٿا تہ کين بي گھر ٿيڻ سميت مختلف غذاب ڀوڳڻا ٿا پون.... ڇاڪاڻ تہ انھن کي ڪٿان بہ ڪو آسرو نظر نٿو اچي......اھڙي صورتحال م غريب مسڪين ماڻھن سميت ھر ڪنھن جي نظر عدالتن تي آھي جتان کين انصاف ملڻ جي اميد اڃا تائین آھي ء خاص طور تي عمرڪوٽ ضلعي جي ڪمان جڏھن کان مانواري سيشن جج جناب سيد ناصرالدين شاھ جي ھٿ م ڏني ويئي آھي تڏھن کان ھتان جي ماڻھن کي تبديلي ضرور محسوس ٿي آھي.... جھڙي ريت سادي پني تي لکيل درخواستن تي نوٽيس وٺي ڪارروائیون ٿيون آھن اھي قابل ديد آھن جن م اسڪولن م ماسترن جي کوٽ سميت سيمس ڪوڊ فرنيچر جا مسعلا، اريگيشن کاتو ھجي تہ اخبار م لڳل خبر جو نوٽيس وٺي بااثر ذميندار جو غير قانوني لڳل لفٽ مشينن تي عدالتي ڇاپا ھڻي پاڻي جي غريب مسڪين بي پھچ ماڻھو جي زمين تائین رسائي ملوث ماڻھن تي ڪيس داخل ڪرڻ جا حڪم ڏيڻ، صحت کاتي جي نااھل آفيسرن خلاف ڪارروائیون،سرڪاري اسپتالن م ملٽينيشنل ڪمپنين جي دوائن جي فراھمي ء ڊاڪٽرن کي ڊيوٽين تي موجود رھڻ جو پابند ڪرڻ سميت تاريخي فيصلا (ججمينٽ) ڏيڻ.....جن م ھتي جوابدار مشتاق منڱريو ريپ ڪيس جنھن م ڀوتار ڪجھ مڻ ڪڻڪ جي داڻن عيوض مغصوم نينگري جي لڄالٽ واري واقعي کي لئي مٽي ڪري ڇڏيو ھو ان جوابدار کي سزا ڏيڻ سميت خون جي ڪيسن م سپريم ڪورٽ جي تاريخي حوالن سان فيصلا ڪرڻ شامل آھي.....تازو بودر فارم ٿاڻي جي حد م ٿيل ھڪڙي خون جنھن کي خودڪشي جو رنگ ڏنو ويو ان ڪيس م جوابدارن تي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي کين ڦاسي جي سزا ملي نہ فقط ايترو پر مانواري سيشن جج سيد ناصرالدين ساھ صاحب ان ڪيس جي فيصلي م اسان جي معاشري جي لڪيل پھلوئن کي عام ماڻھو آڏو وائکو پڻ ڪيو آھي (پاڻ ان فيصلي م سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب ميان ثاقب نثار صاحب جي فيصلي جنھن م اھو عڪس ٿيل آھي تہ "چاھي ڌريون پاڻ م ٺاھ ڪري اچن پر عدالت کي انصاف ڪرڻو آھي بجاء ان ٺاھ کي قبول ڪري اھڙن ٺاھن تي عدالتي ٺپو ھڻي انھن کي ڪلين چٽ ڏيڻ جي") لکن ٿا تہ....
"اسان جي معاشري م نام نھاد وڏيرا، سياسي اثر رسوخ رکندڙ ماڻھو قاتلن کي پنھنجو شيلٽر ڏين ٿا..جيئن تہ ھي علائقو پٺتي پيل ھجڻ ڪري ھتي غيرت جي نالي قتل،ملڪيتون ڦٻائڻ لاء بيگناھ قتل، ملڪيت جي تڪرار سميت ٻارن جي ورھڻ جھڙين معمولي ڳالھين تان ڪنھن بيگناھ جو قتل ڪيو ٿو وڃي ڇاڪاڻ تہ جوابدار اھو ڄاڻن ٿا تہ سڀاڻي تر جو ڪو نہ ڪو وڏيرو، سياسي ماڻھو متاثر ڌر کي مجبور ڪري ٺاھ ڪرائیندو ء اسان (جوابدار) آزاد بہ ٿي وينداسين ء مقصد جو ڪم بہ ٿي ويندو....جيئن تہ اھڙا ماڻھو ھن معاشري لاء ناسور آھن جيستائین اھڙن جوابدارن کي سزا نہ ملندي تہ معاشري م اھڙي واقعن جي گھٽتائي اچڻ ناممڪن آھن"
اھڙي قسم جا فيصلا آء سمجھان ٿو يقيني طور تي اسان جي معاشري م بھتري آڻڻ لاء سازگار ثابت ٿيندا ء عام ماڻھو جنھن کي ڏاڍو ماڻھو پيسي رھيو آھي ان عام ماڻھو کي انصاف جي اميد ئي اھڙن ظالمن خلاف بغاوت ڏانھن پھرين وک کڻڻ م مددگار ثابت ٿيندي.... گڏوگڏ جيڪي آفيسر سياسي اثر ھيٺ رھي خاموش ٿيل آھن انھن کي پڻ اھڙن ايماندار ء فرض شناس مانواري جج صاحبان وانگر بي خوف ٿي پنھنجن پنھنجن منصبن جو فرض ايمانداري سان ادا ڪرڻ گھرجي تہ جيئن اسين پنھنجي ايندڙ نسل لاء ھڪ نئین پيار محبت سان ڀريل سنڌ ء پاڪستان ٺاھي سگھون.....جنھن م قانون جي بالادستي ھجي ء ھر ماڻھو کي بنيادي حق حاصل ھجن.
khososahib@gmail.com
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں