جمعہ، 30 جون، 2017

غربت عجيب شيء آ.......!

ھي منھنجي ديس جي شاعر منور ھاليپوٽي جي شاعري آھي.... ھي ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور شاعر آھي۔۔۔۔
سيمنٽ بجري سرن ۽  سريي وڇائڻ جي مزدوري ڪندو آھي... ڪراچي جي وڏين وڏين عمارتن ۾  ڪم ڪندو آھي
۽ چانھ پاڻي لاء ملندڙ ساھي ۾  انھن سرن ۽  اڌ ٺھيل ديوارن جي ڇانُ م ويھي جيڪا شاعري ڪري ٿو اھا غربت ۽  محرومي جي رڙ وانگر دل ۾ لھندي محسوس ٿيندي آھي.....ھو مونکي ڪیفي اعظمي جي ويجھو لڳندو آھي......
رات جي گرمي ۾  مصنوعي ٿڌ جي باوجود ڪيفي جو نظم باربار دل تي تري پيو اچي ....
"آج کی رات بڑی گرم ہوا چلتی  ہے
آج کی رات  نہ فٹ پاتھہ پہ  نیند آئے گی۔۔۔"
منور جو ھي نظم بہ انھي غربت جي عڪاسي ڪري ٿو۔۔۔
ھڪ مزدور شاعر سريو وڇائیندي پنھنجي حسرتن جو نوحو لکي ٿو تہ سچ پچ دل ۽  اکيون ڀرجيو اچن.......
ڪاش ڪو ھن  نظم  جو اردو ۾  ترجمو ڪري۔۔۔
(نـظـم)
اڻ هوند جي هجڻ جو دلڪش عذاب آهي
هر پهر زلزلن ۾ ڌرتي جان دل ڌڏي ٿي،
سريو ڪندي سڌو مون کلندي هي خيال سوچيو؟؟
غربت عجيب شئي آ ماڻهو ۾ لٽ اڏي ٿي.
هن عيد لاء سوچيان ڇا ڇا وٺي سگهان ٿو؟
ڪپڙن جو جوڙو هڪڙو هڪڙي جتي ليلامي!!
گهر جي اداس چُلھ جو ڏسڪو بہ ياد آهي
فاقن جي مند بڇڙي جنهن جي ڀريون سلامي،
غالب جو شوق سائيڪل ان کي بہ ڪيئين ٽاريان
کيسي جي بادشاهي لالڻ مگر لُڏي ٿي.
سريو ڪندي سڌو مون کلندي هي خيال سوچيو
غربت عجيب شئي آ ماڻهو ۾ لٽ اڏي ٿي
امان جي مومنياڻين سوچن سدائين سمجهيو
ڏاتار نيٺ ڏيندو ايندو بہ ان اُٺن تي.
ڪاڙهي ۾  روز ڪڙهندي جلندي رهي جواني
او ڪاش ڪو ڏسي ها پنهنجا هي ٻن پٺن تي.
پنهنجي تہ رزق جي هئي ٻيڙي ڀڳل پراڻي
هڪ لهر مان چڙهي جي ٻي لهر ۾ ٻُڏي ٿي.
سريو ڪندي سڌو مون کلندي هي خيال سوچيو
غربت عجيب شئي آ ماڻهو ۾ لٽ اُڏي ٿي...
هن بک جي چٽي ۾ ڇا ڇا نہ پاڻ هاريو ؟؟
سرگم جهڙا سيارا بيتن جهڙيون بهارون ،
انجام ڪي ملڻ جا اڌ ۾  ڇڏي هلياسين
ڳاڙهن ڳلن کان پرتي پنهنجون ڪهيون قطارون.
تقدير بي تحاشا پيرن ۾ روز چپليو
جندڙي دلير ايڏي ڪنبندي وري ڪُڏي ٿي،
سريو ڪندي سڌو مون کلندي هي خيال سوچيو
غربت عجيب شئي آ  ماڻهو ۾ لٽ اُڏي ٿي..
ڇت جي وڇائي جهڙو ورھ وڏو لڳل آ
ڏاتار پو ڏٺو مون بکيا سڀئي ٽٽل هئا،
بجري تي سوتلي جي ٻوري اڌڙ وڇائي
مزدور خواب منهنجا مونسان ٿڪي ستل هئا.
اولھ مان چنڊ سنهڙو اڀري اکين ۾ آيو
پوئين وکن اچڻ لئہ گهر جي گهٽي سڏي ٿي
سريو ڪندي سڌو مون کلندي هي خيال سوچيو؟
غربت عجيب شئي آ ماڻهو ۾ لٽ اڏي ٿي...

بدھ، 28 جون، 2017

بـندہ بھی تـُو ـ خـُدا بھی تُـو ـ

اڄڪلھ سوشل ميڊيا جي طاقت کي ھر ڪو محسوس ڪري سگھي ٿو. گھر ويٺل ماڻھو بہ ڄڻ تہ صحافي ٿيو ويٺو آھي...ھڪ طرح جو عجيب انقلاب آھي ھي سوشل ميڊيا بہ ڇاڪاڻ تہ ھڪ طرف جتي ھن مان فائدو ٿي ٿو تہ ساڳئي وقت تي ھن مان نقصان بہ بنھ گھڻو آھي.....ماڻھو سوشل ميڊيا تي ويھي ذاتي دشمنيون بہ ڪڍن پيا....وڌيڪ ڊيگھ م نٿا پئون بس سادي ڳالھ تہ گذريل مھيني جا واقعا اوھان سڀني جي نظرن مان گذريا ھوندا...جن م ڪنري وارو واقعو، ساماري وارا واقعا، عمرڪوٽ وارو واقعو، کپري وارو واقعو....اھي سڀ توھان جي علم م ھوندا.....ھاڻي ھتي ھڪڙي ڳالھ جنھن کي فائدو چئي سگھون ٿا اھو اھا تہ اھڙن واقعن جي جنرلي نشاندھي ٿي جيڪا ٿيڻ بہ گھرجي..جوابدار قانون جي ڪٽھڙي م پھتا....بس ء ھاڻ ان کي قانون تي ء ڌرين تي ڇڏي ڏجي تہ ھو ڪيئن ٿا اھڙن واقعن جو نبيرو ڪن......
اھا تہ ٿي ھڪ ڳالھ جيڪا ڪرڻ سڀني جو حق آھي پر ھاڻ اچون ٿا انھن واقعن جي ٻي رخ ڏانھن جنھن م ذاتيات جي عنصر سميت ٻيون بہ ڪافي شيون شامل آھن......
ھي دنياداري آھي ھر ماڻھو جا ڪنھن نہ ڪنھن سان ضرور اختلاف ھوندا پر ان جو اھو مطلب ھرگز ڪونھي تہ ڪو ڪنھن ٻي جي بغز م ماڻھو انتھاپسند ٿي...ھر شھر ڳوٺ پاڙي برادري م چار چڱا ھوندا آھن تہ ٻہ لوفر ذھن جا ماڻھو بہ ھوندا ان جو مطلب اھو ناھي تہ ڪو سمورو شھر ڳوٺ يا برادري انھن جھڙا آھن....مونکي حيرت ان ڳالھ تي آھي تہ اسان سڀ پنھنجو پاڻ کي وڏا دانشور ، عقل جا اڪابر، اديب ء ٻيو الائي ڇا ڇا ٿا سمجھون پر عملي زندگي م ان جو مثال ڏيڻ م ناڪام ٿيا آھيون..جيئن تہ مٿي ذڪر ڪيل واقعا انھن ماڻھن جا انفرادي عمل ھيا ء آء يقين سان چئي سگھان ٿو تہ ان لاء کين ڪا بہ برادري سپورٽ نہ ملي ھوندي ء خود انھن جي برادرين جي ماڻھن بہ راڄ م نندا ڪئي ھوندي، پڙھيل لکيل طبقي انھن جي مذمت ڪئي ھوندي ء اھا ڳالھ اسين سڀ سمجھي سگھون ٿا.....پر "میں نھین منڑا" وارو قصو آھي سو جي بُل ٿو ملي تہ اسان ڪنھن بہ عزت واري جي پٽڪي ڌوڙ ڪندي دير ناھيون ڪندا بنا ڪنھن احتساب جي بس.....
ان پريڪٽس جا نتيجا تمام خطرناڪ نڪرندا ڇاڪاڻ تہ فرض ڪريو تہ اسانجي برادرين جو ڪو ماڻھو لوفر آھي ء ان جي آڙ وٺي اسان جي خلاف پروپيگينڊا ٿي تہ سوچيو اسان جو حال ڇا ھجي ھا.....جڏھن ڪنھن جي ذاتي فعل کي سموري برادرين جي مٿان الزام مڙھجي تہ پوء زيد واري واقعي تي اڄ مير علي نواز ناز ٽالپر جو روح بہ تڙپيو ھوندو، عمرڪوٽ واقعي تي ڊاڪٽر برادري کي گڏيو ٿا تہ پوء  ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب جي باري م اوھان جي ڇا راء ھوندي آھن تہ اھي بہ ڊاڪٽر برادري جا......! ڀلا جي قائمخاني برادري سڄي خراب تہ پوء سائین خورشيد  قائمخانی جو روح بہ اڄ رنو ھوندو جنھن آرمي جي ميجري ٿڏي سن آف سوئیل ٿيڻ پسند ڪيو ھو..... آء ذاتي طور سندن تحريرن جو عاشق رھيو آھيان ڇا تہ ڪمال فن ھو سائین خورشيد جو......پر اڄ اسان نام نھاد دانشورن ھڪڙي ماڻھو جي فعل تي برادرين کي ئي ڏيھ نيڪالي ڏئي ڇڏي......ايئن ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ٿيندو....دنيا جي موجودہ صورتحال م اسين ڪٿي بيٺا آھيون انجو اندازو پاڻ ڪريو....پر ھاڻ ڇا ڪجي جو اسان تہ اڃا بہ ساڳيو ڳن ساڳي ڪھاڙي واري چڪر مان نڪريون نہ پيا تہ پوء ڇڏيو  دانشوريون وڃي ٻڪريون چاريو، پٿر جي دؤر ڏانھن واپس ٿيو..... دانشور ڀائرو ٿورڙو احتساب پنھنجي اندر آڻيو سنڌو جو پاڻي پيتو اٿؤ پنھنجو اندر سنڌو جھڙو اجرو بنايو....بس.... منھنجي ھن تحرير تي يقينن ڪافي سنگت ناراض ٿيندي پر ڇا ڪجي سنڌي وارو پھاڪو تہ "لٺ کڻبي ڀاء پاران ڳالھ ڪبي اللہ لڳي" سو جيڪا ڳالھ آھي اھا چئبي ء ھونئن بہ آء مخالفتن جو عادي ماڻھو آھيان ء ھر وقت مخالفتن لاء تيار ھوندو آھيان....ھڪڙو شعر ياد پيو اچي تہ...

*تمنا دید کی موسیٰ کرے اور طور جل جائے...*
*عجب دستور علفت ھے کرے کوئی بھرے کوئی.....*

khososahib@gmail.com

سنڌي معاشرو ، حڪومتي ادارن جي بيوسي ء عدالتون

عمرڪوٽ جنھن جي پنھنجي ھڪڙي منفرد سڃاڻپ رھي آھي پر گذريل ڪجھ سالن کان ھن خطي جي ماڻھن جي سڃاڻپ تبديل ٿيندي پئي ڏسجي ھي پيار محبت امن ء شانتي وارو ديس ھاڻي اڻسھپ، عدم تعاون، بي حسي جي ھڪڙي علامت ٿيندو وڃي.....اسان جي سماج م رونما ٿيندڙ واقعا جن م خودڪشيون (جن کي آء سوشيو پوليٽيڪل مرڊر چوان ٿو)، اغوا، زنا، معمولي تڪرارن تان قيمتي جانين جو زيان وغيرہ اھڙا واقعا آھن جن م اضافو ٿيندو رھيو آھي...تازو ادارن جي لاپرواھي سبب ٿيل عرفان مسيع جو موت پڻ  سماج لاء ھڪ سواليہ نشان آھي!
انھن واقعن جي پويان جتي حڪومتي ادارن جي لاپرواھي جو تمام گھڻو عمل دخل آھي اتي اسين پاڻ بہ ان سڀني حالتن جا ذميوار آھيون.... حڪومتي ادارن جي بيوسي ان ڪري بہ آھي جو اتي سياسي اثر تمام گھڻو آھي جن جو مثال اھي سياسي وڏيرن جا آفيسرن تي ٿيل حملا آھن....جنھن جي ڪري ادارن م ويٺل آفيسرن ماٺ ڪري پنھنجي سروس پوري ڪرڻ م پورا آھن....پر تنھن ھوندي بہ اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي ء اڃا بہ اھڙا آفيسر موجود آھن جيڪي قانون جي رٽ قائم رکندا اچن......سول سوسائیٽي م بہ ڪاريون رڍون موجود آھن جيڪي وڏيرن ء سياسي شخصيتن جي بچاء لاء ميدان تي لھنديون آھن ء غريبن جا حق غصب ڪريو وٺن..... باقي جيڪا اڪثريت آبادي جي اڻپڙھيل آھي ء جاگيردار وڏيرن جي ھاري طبقي م شمار ٿئي اھي ويچارا مجبور آھن جيڪڏھن آواز اٿارين ٿا تہ کين بي گھر ٿيڻ سميت مختلف غذاب ڀوڳڻا ٿا پون.... ڇاڪاڻ تہ انھن کي ڪٿان بہ ڪو آسرو نظر نٿو اچي......اھڙي صورتحال م غريب مسڪين ماڻھن سميت ھر ڪنھن جي نظر عدالتن تي آھي جتان کين انصاف ملڻ جي اميد اڃا تائین آھي ء خاص طور تي  عمرڪوٽ ضلعي جي ڪمان جڏھن کان مانواري سيشن جج جناب سيد ناصرالدين شاھ جي ھٿ م ڏني ويئي آھي تڏھن کان ھتان جي ماڻھن کي تبديلي ضرور محسوس ٿي آھي.... جھڙي ريت سادي پني تي لکيل درخواستن تي نوٽيس وٺي ڪارروائیون ٿيون آھن اھي قابل ديد آھن جن م اسڪولن م ماسترن جي کوٽ سميت سيمس ڪوڊ فرنيچر جا مسعلا، اريگيشن کاتو ھجي تہ اخبار م لڳل خبر جو نوٽيس وٺي بااثر ذميندار جو غير قانوني لڳل لفٽ مشينن تي عدالتي ڇاپا ھڻي پاڻي جي غريب مسڪين بي پھچ ماڻھو جي زمين تائین رسائي ملوث ماڻھن تي ڪيس داخل ڪرڻ جا حڪم ڏيڻ، صحت کاتي جي نااھل آفيسرن خلاف ڪارروائیون،سرڪاري اسپتالن م ملٽينيشنل ڪمپنين جي دوائن جي فراھمي ء ڊاڪٽرن کي ڊيوٽين تي موجود رھڻ جو پابند ڪرڻ سميت تاريخي فيصلا (ججمينٽ) ڏيڻ.....جن م ھتي جوابدار مشتاق منڱريو ريپ ڪيس جنھن م ڀوتار ڪجھ مڻ ڪڻڪ جي داڻن عيوض مغصوم نينگري جي لڄالٽ واري واقعي کي لئي مٽي ڪري ڇڏيو ھو ان جوابدار کي سزا ڏيڻ سميت خون جي ڪيسن م سپريم ڪورٽ جي تاريخي حوالن سان فيصلا ڪرڻ شامل آھي.....تازو بودر فارم ٿاڻي جي حد م ٿيل ھڪڙي خون جنھن کي خودڪشي جو رنگ ڏنو ويو ان ڪيس م جوابدارن تي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي کين ڦاسي جي سزا ملي نہ فقط ايترو پر مانواري سيشن جج سيد ناصرالدين ساھ صاحب ان ڪيس جي فيصلي م اسان جي معاشري جي لڪيل پھلوئن کي عام ماڻھو آڏو وائکو پڻ ڪيو آھي (پاڻ ان فيصلي م سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب ميان ثاقب نثار صاحب جي فيصلي جنھن م اھو عڪس ٿيل آھي تہ "چاھي ڌريون پاڻ م ٺاھ ڪري اچن پر عدالت کي انصاف ڪرڻو آھي بجاء ان ٺاھ کي قبول ڪري اھڙن ٺاھن تي عدالتي ٺپو ھڻي انھن کي ڪلين چٽ ڏيڻ جي") لکن ٿا تہ....
"اسان جي معاشري م نام نھاد وڏيرا، سياسي اثر رسوخ رکندڙ ماڻھو قاتلن کي پنھنجو شيلٽر ڏين ٿا..جيئن تہ ھي علائقو پٺتي پيل ھجڻ ڪري ھتي غيرت جي نالي قتل،ملڪيتون ڦٻائڻ لاء بيگناھ قتل، ملڪيت جي تڪرار سميت ٻارن جي ورھڻ جھڙين معمولي ڳالھين تان ڪنھن بيگناھ جو قتل ڪيو ٿو وڃي ڇاڪاڻ تہ جوابدار اھو ڄاڻن ٿا تہ سڀاڻي تر جو ڪو نہ ڪو وڏيرو، سياسي ماڻھو متاثر ڌر کي مجبور ڪري ٺاھ ڪرائیندو ء اسان (جوابدار) آزاد بہ ٿي وينداسين ء مقصد جو ڪم بہ ٿي ويندو....جيئن تہ اھڙا ماڻھو ھن معاشري لاء ناسور آھن جيستائین اھڙن جوابدارن کي سزا نہ ملندي تہ معاشري م اھڙي واقعن جي گھٽتائي اچڻ ناممڪن آھن"
اھڙي قسم جا فيصلا آء سمجھان ٿو يقيني طور تي اسان جي معاشري م بھتري آڻڻ لاء سازگار ثابت ٿيندا ء عام ماڻھو جنھن کي ڏاڍو ماڻھو پيسي رھيو آھي ان عام ماڻھو کي انصاف جي اميد ئي اھڙن ظالمن خلاف بغاوت ڏانھن پھرين وک کڻڻ م مددگار ثابت ٿيندي.... گڏوگڏ جيڪي آفيسر سياسي اثر ھيٺ رھي خاموش ٿيل آھن انھن کي پڻ اھڙن ايماندار ء فرض شناس مانواري جج صاحبان وانگر بي خوف ٿي پنھنجن پنھنجن منصبن جو فرض ايمانداري سان ادا ڪرڻ گھرجي تہ جيئن اسين پنھنجي ايندڙ نسل لاء ھڪ نئین پيار محبت سان ڀريل سنڌ ء پاڪستان ٺاھي سگھون.....جنھن م قانون جي بالادستي ھجي ء ھر ماڻھو کي بنيادي حق حاصل ھجن.
khososahib@gmail.com