اروندتي راء جو خيال آھي تہ عوامي تحريڪن جي راھ ۾ وڏي رڪاوٽ، عوامي مزاحمت جو اين جي اوز ۾ تبديل ٿيڻ آھي...
منھنجي خيال ۾ اھي اين جي اوز جن کي وافر مقدار ۾ فنڊ ملن ٿا ان مان اڪثر جي سرپرستي ۽ مالي امداد، ترقياتي ايجنسيون ڪن ٿيون... انھن ايجنسين کي فنڊ مغربي حڪومتون، عالمي بنڪ، گڏيل قومون ۽ ملٽي نيشنلز جي طرفان ملن ٿا...
ھي ايجنسيون، اين جي اوز کي فنڊ ڇو ٿيون ڏين؟ ڇا اھا خيرات آھي يا ڪو احساس جرم؟ ڳالھ ان کان بہ ڪجھ وڌيڪ آھي....
ممڪن آھي تہ اھي اين جي اوز ھاريل رياستن جي خال کي پورو ڪنديون ھجن پر اھي درحقيقت بنا نتيجي وارو رستو اختيار ڪن ٿيون ـ ان جو اصل فائدو اھو آھي تہ ھو سياسي اشتعال گھٽ ڪن ٿيون ـ جيڪي شيون عوام کي ان جي استحقاق طور ملڻ کپن اھي امداد يا خيرات جي طور ڏنيون وڃن ٿيون ـ اين جي اوز عوامي نفسيات بدلايو ڇڏين، ھو عوام کي آسري جو شڪار ۽ سياسي مزاحمت جي ڌار کي مُڏو ڪريو ڇڏين ـ ھي سرڪار ۽ عوام يا رياست ۽ رعايا جي وچ ۾ لاپي جو ڪم ڏين ٿيون ـ ھو ھر ٻن ڌرين جي موقف جي تشريح ڪن ٿيون ۽ ٻنھين جي وچ ۾ ڳالھ ٻولھ يا مذاڪرات کي آسان ڪن ٿيون، ھو ھڪ ناجائز، غير منصفانہ ۽ غير معقول جنگ جي دوران ” معقول شخص “ وارو ڪردار ادا ڪن ٿيون....
آخري مرحلي ۾ اين جي اوز ان فردن يا ادارن جي سامھون جوابدہ ھونديون آھن جيڪي انھن کي فنڊ ڏين ٿا... البتہ عوام جن جي وچ ۾ رھي ھو ڪم ڪن ٿيون انھن کي جوابدہ ناھن ھونديون، علم نباتات جي ماھرن جي نظر ۾ انھن کي ڏس ڏيندڙ چئي سگھجي ٿو......
اسين اھو چئي سگھون ٿا تہ بي معني آزاد خيالي جيتري تباھي نازل ڪندي، اين جي اوز انھي حساب سان پيدا ٿينديون وينديون. ان جي وضاحت لاء ان کان وڌيڪ ٻيو مثال ڪونھي تہ ھڪ طرف طاقتور ملڪ ڪنھن اڀري ملڪ تي حملو ڪري ۽ ساڳي وقت ھو پنھنجي اين جي اوز کي سامان ڏئي روانو ڪري تہ وڃو منھنجي حملي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباھي ۽ بربادي جا آثار ختم ڪري ڇڏيو..... ان صورت م ڇا ٿيندو ان جو اندازو توھان ڪري سگھو ٿا....
اختتامي لفظ:
اين جي اوز ٽڪراء کي مذاڪرات ۾ بدلايو ڇڏين، مزاحمت مان سياست کي ڪڍيو ڇڏين. ھي مقامي عوام جي انھن تحريڪن ۾ مداخلت ڪن ٿيون جيڪي روايتي طور پنھنجي وسيلن تي ڀاڙين ٿيون. اين جي اوز وٽ فنڊ ھوندا آھن جنھن جي مدد سان ھو انھن مقامي ماڻھن کي ملازمت ڏين ٿا جن بابت خيال ھجي ٿو تہ ٻي صورت ۾ ڪنھن مزاحمتي تحريڪ سان شامل ٿي فعال ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. اھي شخص بہ محسوس ڪن ٿا تہ فوري نوعيت جو ڪو سٺو تخليقي ڪم ڪري رھيا آھن (۽ ان دوران ھو پنھنجي روزي بہ ڪمائن پیا) خيرات ڏيڻ وارن ۽ وٺڻ وارن کي تسڪين ملي ٿي. پر اضافي اثرات خطرناڪ ٿي سگھن ٿا. حقيقي سياسي مزاحمت اھڙو شارٽ ڪٽ پيش نٿي ڪري....... شايد ان سبب جي ڪري اڄ سنڌ مان اثرائتي عوامي سياسي جدوجھد ۽ ارڏا ڪارڪن ناياب ٿيندا پيا وڃن.......!